سنڌي راڳ جو بادشاهه ڪلاڪار خان صاحب استاد منظور علي خان جنهن کي ڪلاسيڪل موسيقي جو عالم به سڏيو ويو آهي. سندس آواز ۾ جادو هو موسيقي سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو سندس ديوانا هوندا هئا. پاڻ سڄي ڄمار فن جي آبياري ڪئي پاڻ سنڌ جو ساڃاهه هو پنهنجي علم ۽ فن ذريعي سنڌي راڳ لاءِ نوان دڳ متعين ڪيا