لطيف سائين جي رسالي ۾ آيل پيار محبت جو.داستان سھڻي ميھار جو تعلق سنڌ سان آھي يا پنجاب سان ؟؟؟
لطيف سائين جي عرس جي پھرين ڏينھن تي ثقافت سياحت کاتي پاران ڀٽ ڌڻي جي رسالي ۾ آيل ڪردارن سھڻي ميھار تي اسٽيج ڊرامون پيش ڪيو ويو ڊرامون ڏسڻ سان اندازو ٿيو ته ڊرامي جي لکندڙ لطيف جي ھنن ڪردارن کي پنجاب جو ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي مون ٻئي ڏينھن ان حوالي سان اصلاحي آرٽيڪل لکيو ڊرامي جي منصف ان جو ھڪ اخبار ۾ جواب ڏنو آھي ان ۾َڪجھ محققن کان ٿيل غلطئن جن ۾ ھنن ھن قصي کي پنجاب جو ڄاڻايو آھي انھن جا حوالا ڏيندي اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته لطيف سائين جي رسالي ۾ آيل ھي قصو سنڌ جو نه پر پنجاب جو آھي منھنجي آرٽيڪل جنھن ۾ مون لطيف سائين جي بيتن مان ثابت ڪيو ته لطيف سرڪار جنھن سھڻي ميھار کي شاعري ۾ آڻي امر بنائي ڇڏيو آھي اھو قصو سنڌ سان تعلق رکي ٿو جنھن تي ڊرامي جي لکندڙ جذياتي ٿي مونکي مورک لطيف جي رسالي جو مطالعو نه ڪندڙ ٻيو الائي ڇا ڇا سڏيو آھي اھي جڏھن ته ھن پنھجي دوستن کان تنقيد وارا تير ھلرائي گند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي پر مون پنھنجي دوستن کي اھڙو گند ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آھي اسان ادب دوستن جو ڪم گند ڪرڻ نه آھي ڊرامي جي دوست شاھنواز لاء زاتي طور لکين عزتون پر اسان لطيف سائين جا عقيدت مند ادب دوست آھيون ان ڪري لطيف جي رسالي جي ڪردارن کي غلط رخ تي وٺي وڃڻ انھن کي غلط انداز ۾ بيان ڪرڻ تي خاموش نه رھنداسين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جنھن سان نيازمندي رھي ھڪڙي علائقي جا آھيون ليڪن جڏھن ان ست ڪيڏارو لطيف جي رسالي مان ڪڊڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون ان عمل خلاف مظمون لکيا جن ۾ دليلن سان اھو غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته بلوچ صاحب غلط آھي ڪيڏارو لطيف سرڪار جو چئل.آھي ان وقت به بلوچ صاحب جي حمايتن تنقيد جا تير.وسايا ۽ چيو ته تو لطيف جي رسالي جو مطالعو ئي نه ڪيو آھي الائي ڪھڙا ڪھڙا الزام ھنيا ويا بعد ۾ ڊاڪٽر بلوچ اعتراف ڪيو ته سر ڪيڏارو لطيف سائين جو آھي ڏک ان ڳالھ جو آھي ته ڊرامي جي منصف ڳالھ کي سمجھڻ بجاء بس داڦوڙا ھڻي ڊرامي جي غلط رخ ۾ لکيل ڪھاڻي تي واھ واھ ۽ منھنجي آرٽيڪل.تي ڇتي تنقيد ڪندي ان کي گٺل بيٺل آرٽيڪل ۽ روايتون قرار ڏئي رھيا آھن ليڪن جيڪي حقيقتون آھن اھي پنھنجي جاء تي آھن لطيف سائين جي رسالي ۾ آيل ڪردارن کي سمجھڻ لاء ان سر جو گھرائي سان مطالعو ڪرڻ ۽َ ان قصي سان وابسطا ماڳ مڪانن تي ڇنڊ ڇاڻ ضروري ھوندي آھي پھرين ڳالھ ته لطيف سائين جن به اھڙن ڪردارن تي شاعري ڪئي آھي انھن جو تعلق سنڌ سان آھي جڏھن ته ان دور ۾ پنجاب بلوچستان سميت آسپاس جي ملڪن ۾ ڪيترن تي عشقعه داستانن جو چو چرچو ھو ليڪن لطيف انھن کي نه ڳايو آھي ماضي ۾ پنجاب جا ڪجھ داستان جيڪي ٻئن شاعرن ڳايا ھئا انھن کي لطيف جي رسالي ۾ شامل ڪيو ويو ھو اڳتي ھلي لطيف جي رسالي جي پارکن انھن سرن کي رسالي مان ڪڍي ڇڏيو مون اڳ به ھن ڊرامي جي ڪھاڻي تي اصلاحي تنقيد جائزو واري آرٽيڪل.۾ لکيو ھو ته پنجاب واري سوھني مھيوال پنھنجي جاء تي حقيقت آھن سنڌ واري سھڻي ميھار پنھنجي جاء تي حقيقت آھي لطيف سرڪار جي رسالي ۾ آيل سھڻي ميھار جو داستان پڙھن سان چٽو ٿي وڃي ٿو ته لطيف جن سھڻي ميھار کي ڳايو آھي انھن جو تعلق سنڌ سان آھي ان حوالي سان لطيف سائين جا ڪيترائي شعر ملن ٿا جڏھن ته سھڻي ميھار سان وابسطا ماڳ مڪان سنڌ ۾ اسان جي ڳوٺ ملدسي ويجھو آھن پنجاب جي سھڻي جي محبوب جو نالو عزت بيگ ھو جيڪو وڏو سوداگر ھونسنڌ جي سھڻي جي محبوب جو نالو ڄام ساھڙ ھو ان جي نالو شاھ لطيف سائين سر سھڻي جي ڪترن ئي بيتن ۾ ڏنو آھي جن ۾ ھڪ بيت
جيڏيون ڏٺيان جي .صورت ساھڙ ڄا۾ جي
سک ٿي ستيون ڪين ڪي
.ڪانڌن پاسي ڪي منھان ئي اڳي گھڙو سڀ گھڙا کڻي
اھڙا ڪيترا ئي شعر آھن لطيف سائين جي سورمي ۽ سندس يار ميھار جون مزارون سنڌ جي تاريخي شهر شهدادپور ۾ آهن. سهڻي جي مزار شهدادپور شاهپورچاڪر روڊ تي ميھار جي مزار شھر جي ڊپٽي گلي سامهون ويندڙ بند گهٽي ۾ آهي. محبتي ميهار جي مزار ڊپٽي گلي ويجهو آھي. . 1980ع کان اڳ سنڌ جي ڪجهه اديبن ۽ ساڃاهه وند ڌرين کانسواءِ باقي ماڻهن جي ذهن ۾ اهو هو ته سهڻي ميهار گجرات جا آهن. ليڪن 1980ع کانپوءِ سنڌ جي تاريخدانن، ليکڪن خاص طور لطيف جي رسالي جي پارکن تحقيقات ڪري اهو ثابت ڪيو ته لطيف سائين جي رسالي ۾ آيل سهڻي ميهار گجرات “پنجاب” جا نه پر سنڌ جا آهي پنجقب جي سھڻي ميھار وارو.قصو پنھنجي هاء تي حقيقت سنڌ ڳارو قصو پنھنجي هاء تي حقيقت آھي لطيف سرڪار جي رسالي ۾ آيل. عشق محبت جا ٻئي لازوال ڪردار شهدادپور ۾ مدفون آهن. ان حوالي سان پروفيسر محمد خان ٻرڙو، مرحوم عبدالله ورياهه ۽ ٻين ليکڪن جي ڪيل تحقيق قابل تعريف آهي. جڏهن ته پهريون دفعو 1981ع ڌاري ان وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد ايوب ٻانڀڻ ساڃاهه وند ڌرين سان گڏ سهڻي ميهار تي ميلو لڳرايو. ٽي روزه ميلي ۾ ملاکڙو، سگهڙن جي ڪچهري، ادبي ڪانفرنس، مشاعرو، راڳ رهاڻ جي محفل کانسواءِ ماڻهن جي تفريح لاءِ مٺائي، مينارڪي، رانديڪن جا دڪان، هوٽل ۽ شو لائين لڳايو ويو. ادبي ڪانفرنس مشاعري ۾ مشهور اديب، شاعرن سهڻي ميهار تي تحقيقي مقالا پڙهيا. ۽ لطيف جي شعرن سان ظاھر ڪيو ته لطيف جي رسالي ۾ آيل سھڻي ميھار سنڌ جا ضھن ميلي جي ميڊيا ڪوريج بعد سنڌ جي عام ماڻهن جي ذهن ۾ سوال اڀريو ته سهڻي ميهار گجرات ”پنجاب“ جا آهن؟ يا شهدادپور سنڌ جا؟ ۽ سهڻي ميهار تي سڄي سنڌ مان ساڃاهه وند ڌريون، ادب ثقافت سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو هتي سندن مزارن تي اچڻ ٿا . محمد ايوب ٻانڀڻ هڪ ٻه ميلا ڪرايا بعد ۾ ميلا نه لڳايا، وري اسسٽنٽ ڪمشنر شهدادپور حاجي محمد ابراهيم ميمڻ ميلو لڳرايو، ان بعد اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان منگي به ميلو لڳرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ميلو نه لڳرائي سگهيو ۽ هن سهڻي ميهار ادبي ثقافتي پروگرام نالي تي هڪ شاندار پروگرام ڪرايو، ان بعد سهڻي ميهار تي نه ميلو لڳو نه ڪو پروگرام ٿيو. پنجاب جي شهر گجرات واري سوهني، ميهوال جو قصو ڪهاڻي الڳ آهي، جنهن کي پنجاب جي ڪيترن ئي شاعرن ڳايو آهي، ليڪن لطيف جي رسالي ۾ آيل ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي آڳاٽي زماني جي شاعرن ڳايو آهي، اهي ڪردار سنڌ جي شهدادپور واري علائقي جا آهن. پنجاب جي سوهني مهينوال جو قصو سنڌ جي سهڻي ميهار جي قصي جي تقريبن هڪجهڙائي آهي، ليڪن ٻنهي جي ماڳ مڪانن ۾ فرق آهي ۽ قصي ۾ به ٿورو فرق آهي. پنجاب جي گجرات شهرواري سوهني مهيوال چناب درياءَ ۾ ٻڏي هئي، سنڌ واري سهڻي ميهار سنڌو درياءَ جنهن کي مهراڻ به سڏيو وڃي ٿو، ان مان نڪرندڙ لهاڻو جنهن کي سنڌو دريا جي ڦاٽ به چيو ويندو هو ان ۾ ٻڏي هئي، ان جي شاهدي ڀلاري ڀٽ ڌڻي پنهنجي رسالي ۾ هن ريت به ڏني آهي:
گهڙيا سي چڙهيا ائين اٿئي،
مئي مٿي مهراڻ ۾ پئو ٽپو ڏئي،
ته ميهار ملئي، سنڀورو سڻاءُ سين.
هي لوهاڻو درياءَ سڪرنڊ وٽان سنڌو درياءَ مان نڪري شهدادپور کان ٿيندو بدين ضلع ۾ سمنڊ تي وڃي شڪور ڍنڍ ڇوڙ ڪندو هو. هن مان ٻه واهه نڪرندا هئا. وقت جي حالتن ڪري ۽ روهڙي ڪئنال نڪرڻ بعد لهاڻو درياءَ سڪي ويو ۽ هاڻ لٽجي ويو آهي. سندس نشان باقي وڃي بچيا آهن، هاڻ هن کي مارک واهه يا ڀڏو سڏيو وڃي ٿو ۽ هن علائقي ۾ جتان سهڻي ٻڏي هئي ۽ جتان سندس لاش هٿ ڪيو ويو. ان کي سهڻي ڍورو سڏيو وڃي ٿو. 2011ع وارين برساتن ۾ آيل تباهي بعد سابق وفاقي ڪابينه سهڻي ڍوري جي بحالي جو اعلان ڪيو هو، يعني لهاڻو درياهه کي اصل حالت ۾ آڻڻ جي اسڪيم منظور ڪئي وئي پر ان تي عمل نه ٿي سگھيو
سنڌ جي سهڻي جا مائٽ غريب مزدور طبقي جا هئا، گجرات واري سهڻي جا مائٽ ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪرڻ سان گڏ مالوند ماڻهو هئا. شهدادپور واري سهڻي لقء ٻه روايتون.ضھن ھڪ روايت موجب ھو ذات جي ساميٽي هئي ٻي روايت موجب واھوچي ھئي ٻئي ذاتيون ا سنڌ جي سماٽ جون ذاتيون آهن ميهار جو نالو ساهڙ هو جيڪو ذات جو نڱامڙو ھو لطيف جي شاعري ڪجھ شعرن ۾ ڄام ساهڙ به آيو آهي. ڄام ڪنهن عزت دار ۽ وڏي ماڻهو جو لقب به آهي ۽ ميهار خود مالوند خوشحال ماڻهو هو، سندس لهاڻو درياءَ جي ڪنڌي تي مختلف هنڌن تي مال جا وٿاڻ هئا، سندس چوپايو مال سندس ملازم چاريندا ۽ سار سنڀال ڪندا هئا. ساهڙ ڄام ”ميهار“ فقط نگراني ڪندو هو پروفيسر محمد خان ٻرڙو هن قصي کي 7 هجري صديءَ جي اوائلي دور جو ڄاڻايو آهي ۽ سهڻي لهاڻو درياءَ ۾ ئي تري ميهار سان ملڻ لاءِ ويندي هئي ۽ اُن ۾ ئي ٻڏي مئي هئي، ان جي لطيف سائين هن بيت ۾ تصديق ڪري ٿو:
محبتي ميهار جون، دل اندر دونهيون،
آڻيو وجهي اُرَ ۾، لوهاڻو لُوهيون،
جي ساهڙ جون سونهيون، سير سراڙي تن کي.
گجرات پنجاب واري سوهني مهينوال ۾ مهينوال جونالو عزت بيگ هو، روايتون آهن ته پاڻ بخارا جو سوداگر هو، گجرات ۾ واپار لاءِ آيل هو، جتي هن سوهني جي حسن جو چرچو ٻڌي جڏهن سوهني کي ڏٺو ته سوهني مهينوال هڪٻئي تي عاشق ٿي پيا. ٻنهي کي عشق اري مان ڪڍي ڇڏيو. عزت بيگ واپار ڇڏي هر وقت سوهني جي ديدار لاءِ آتو هو، سندس ذهن تي صرف سهڻي سوار هئي، اهڙي صورت ۾ سندس هڙ ۾ جيڪي پئسا هئا اهي ختم ٿي ويا، جڏهن صفا سڃو ٿي ويو ته سوهني جي مائٽن وٽ نوڪر طور ڪم ڪيو ۽ انهن جا چناب درياءَ جي ٻي ڀر چوپايو مال چاريندو هو ۽ رات جو روزانو سوهني سان ملڻ لاءِ درياءَ تري گجرات ويندو هو. اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ ڪمزور ٿيڻ ڪري هن ۾ درياءَ ترڻ جي سگهه نه رهي ته اهڙي صورتحال ۾ سوهني پنهنجي محبتي مهينوال سان ملڻ لاءِ دلوَ ٻڌي درياءَ پار ڪري هن سان اچي ملندي هئي، هڪ رات درياءَ ۾ ٻڏڻ لڳي ۽ دانهون ڪيون، اهي دانهون ٻڌي مهينوال به درياءَ ۾ گهڙي پيو ۽ سوهني کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي پاڻ به سهڻي سان گڏ ٻڏي ويو، سندن مزارون گجرات ۾ آهن. سنڌ جي سهڻي جي مڙس جو نالو ڏ مُ هو جيڪو سندس ئي ذات وارو هو ۽ سهڻي جو ميهار سان ملڻ جو راز جڏهن سندس سس وٽ کليو ته هن سهڻي کي روڪيو، سختي ڪئي پر جڏهن سهڻي نه مڙي ته جنهن گهڙي تي سهڻي درياءَ پار ويندي هئي، اهو گهڙو لڪائي اتي اهڙو ئي اڌ پڪو ڪچو گهڙو رکي ڇڏيو ۽ جڏهن اهو گهڙو کڻي سهڻي درياءَ ۾ ڪاهي پئي ۽ ٿوري اڳتي وئي ته اهو گهڙو ڳرڻ لڳو ۽ سهڻي ٻڏڻ لڳي ته ميهار کي سڏ ڪرڻ لڳي، پر ميهار جي پهچڻ کان اڳ سهڻي ٻڏي وئي، روايتون آهن ته سندس لاش ٽن ڏينهن بعد شهدادپور وٽان لهاڻو جي ڪناري مليو، جتي ميهار کيس دفنايو ۽ جيستائين حياتي هو، مجاور ٿي ويٺو،ميهار ملدسي ويجهو سون چڙي دڙي مان پاڏي تي سرون کڻي سهڻي جي قبر پڪي ڪرائي.
سهڻي ميهار جا ماڳ نيو سعيد آباد جي ديهه ڪاڪا وٽ روهڙي ڪئنال وٽ به ٻڌايا وڃن ٿا، اتي پير ڇٽو، جنهن کي شاهه ڇٽو به چون ٿا ان جي مزار به اتي آهي، روايتون آهن ته شاهه ڇٽو آڌي کانپوءِ تحجد نماز پڙهندو هو ته سهڻي ميهار سان ملڻ لاءِ سندس اڳيان گذرندي هئي ته هو کيس ميهار سان ملڻ کان روڪيندو
ان جي شاھدي لطيف سائين مختلف بيتن ۾ ڏني آھي جئين
ڇٽا ڇينڀ ۾ مونکي پل ۾ منھنجا.پير
نوڙيو ٿو نمازون پڙھين ثابت مٿي سير
ڪٺيون جي تقدير سي گھر گھارينديون ڪيترو
روايتون آھن ته پير ڇٽو سھڻي ۽ سندس خاندان جو مرشد ھو جڏهن ته ملدسي ويجهو شهدادپور ملدسي روڊ تي به ميهارڪو ڀڙو هو، جيڪو 1990ع تائين ڪيترن ئي ايڪڙن ۾ پکڙيل هو. جتان چاڏيون مٽ ۽ سڪا انساني ڍانچا به هٿ آيا هئا. زماني جي ستم ظريفي ڪري اهو تاريخي ماڳ ميسارجي ويو هاڻ اتي زرعي آبادي ٿئي ٿي،ان حصي کي اڄ به ميهارڪو نمبر سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته سهڻي ۽ ميهار جون مزارون ڏينهون ڏينهن ضعيف حالت ۾ ٿينديون وڃن، جي لطيف سائين پنجاب واري سوھني ميھوال کي پنھنجي شاعري ۾ آڻي.ھا ته مھراڻ درياء جنھن کي لھاڻونبه چيو وڃي ٿو ان جو نالو شاعري ۾ آڻڻ بجاء چناب درياء جو شاعري ۾ ذڪر ڪري.ھا پوء ته ڄام ساھڙ جو ذڪر ڪرڻ بجاء عزٿ بيک جو ذڪر ڪري ھا پوء پير چٽو ڪاڪا جو ذڪر نه ڪري ھا ھن حوالي سان ڪيترن ئي محققن اديبن تحقيقي مقالن ۾ ھن قصي کي سنڌ جو ڄاڻايو آھي جيڪو.ڊرامي جي منصب کي شايد نظر نه آيو لڳي ٿو ته ڊرامي جي منصف سر سھڻي جو گھرائي جو.مطالعو نه ڪيو آھي کيس ٻڌل ٻڌائيل ڳالھيون ڪرڻ بجاء دلائيل سان ڳالھيون ڪرڻ گھرجن کيس لطيف جي رسالي سان ان ريت ھٿ چراند ڪرڻ جو.ڪوبه حق نه آھي اھو عمل برداشت جوڳو نه آھي ھنن تاريخي ڪردقرن کي ڪنھن جي فرمائيش تي ان ريت مسخ ڪرڻ نه ڏينداسين ھن سلسلي ۾ اسان سنڌَجي اديبن محققن لطيف جي رسالي جي پارکن کي ھڪ دفعو وري شاھ سائين جي رسالي ۾ آيل.ھنن ڪردارن کي پنجاب جو ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بنائيڻ گھرجي اسان کي افسوس ته ثقافت سياحت کاتي تي آھي جنھن جو وزير ۽ سيڪريٽري خود بھترين ليکڪ لطيف شناس آھن انھن به ڊرامي ۾َھن قصي کي پنجاب جو ڄاڻائيڻ جو تاثر ڏئڻ جي باوجود ان ڊرامي جي ڪھاڻي کي پاس ڪئين ڪيو اھو عمل لطيف جي ڪردارن سان مذاق آھي جيڪا برداشت جوڳي نه آھي