مونکي ان ڏينهن جا ڌنڌلا عڪس اڃان به ذهن جي پردي تي ڪنهن فلمي سين جيان هلن ٿا، جڏهن آئون 12 سالن جو هيس ته اسان جي ڳوٺ ملدسي ۾ منهنجي چاچي حاجي محمود جي اوطاق تي مخدوم امين فهيم روحاني سفر دوران تشريف فرمان ٿيا هئا ۽ منهنجي والد الهه بخش مون کي پير ڪوڙل قريشي معرفت سائين مخدوم امين فهيم سامهون ذڪر ڏئي مريد ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو هو.